انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري چيو آهي ته فوٽو شيئرنگ ايپ پليٽ فارم ۾ ڊگهين وڊيوز بدران مختصر وڊيوز تي توجهه برقرار رکڻ جو سلسلو جاري رهندو.
انسٽاگرام جي سربراهه جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٽِڪ ٽاڪ طرفان مختصر بدران ڊگهين وڊيوز تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي.
هڪ بيان ۾ ايڊم موسيري چيو ته مستقبل انسٽاگرام ۾ ريلز وڊيوز کي ترجيح ڏني ويندي.
هن چيو ته انسٽاگرام ۾ ٻن شين تي ڌيان ڏنو ويندو، هڪ اوهان کي دوستن سان ڳنڍڻ ۽ ٻيو مختصر وڊيوز.
سندس چوڻ هوته مختصر وڊيوز انسٽاگرام جي سڃاڻپ آهن ۽ ڊگهين وڊيوز سان اسان جو بنيادي مقصد متاثر ٿئي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد ماڻهن کي ڳنڍڻ آهي ۽ ڊگهين وڊيوز ذريعي ان مقصد کي نقصان نٿا پهچائڻ چاهيون.