ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي موسم ڪيئن رهندي؟ 

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ گرم پد ۾ وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هيٽ ويو جو ڪو خدشو ناهي ۽ ان دوران پارو 37کان 38 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ پارو 34 کان 36 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم جو تناسب ستر سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 18 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.