اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي عدالت عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.هلندڙ سال 3 فيبروري تي اسلام آباد جي سول جج قدرت الله پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشرا بي بي کي 7-7 سال قيد ۽ 5-5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جسٽس افضل مجوڪا اڄ عدت ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت چيو ته ميڊيڪل بورڊ ۽ عالمن جي راءِ تي ٻڌل ٻنهي اپيلن کي رد ڪيو وڃي ٿو. عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهن ته کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. عدالت عمران خان ۽ بشرا بي بي کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. هوڏانهن قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف نيب جي انڪوائري رپورٽ خلاف احتساب عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي هئي. اهڙي درخواست تي نيب جي احتساب عدالت نيب عملدارن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا هئا پر ان دوران نيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. قانوني ماهرن موجب نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ هاڻي جوابدارن کي گرفتار ڪري 40 ڏينهن لاءِ حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو. راولپنڊي جي اڊيالا جيل جي هڪ اهلڪارجو چوڻ هو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون جي سربراهيءَ ۾ نيب جي ٽيم ڇنڇر ڏينهن اڊيالا جيل جو دورو ڪيو هو ۽ ”توشا خانا 2“ جو هڪ ٻيو معاملو جنهن ۾ سون جا زيور ۽ واچن جي وڪري جي باري ۾ انڪوائري هلي رهي هئي، جنهن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا عيد جي موقعي تي نڪاح جي ڪيس ۾ ڏنل سزا ڪالعدم قرار ڏيندي عمران خان ۽ بشرا بي بي کي آزاد ڪرڻ جو نوٽيس پڻ جاري ڪيو هو . لاڳاپيل عدالت جا اهلڪار روهڪار تي عملدرآمد لاءِ اڊيالا جيل پهتا ۽ ان ئي روهڪار تي عملدرآمد کانپوءِ اڊيالا جيل اندر اڳ ئي موجود نيب جي ٽيم عمران خان ۽ بشرا بي بي کي گرفتار ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کانسواءِ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به بشرا بي بي جي ممڪنه آزادي کانپوءِ سندس استقبال لاءِ جيل ٻاهران پهچي ويا ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيستائين کين آگاهه نه ڪيو ويندوته عمران خان ۽ بشرا بي بي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان وقت تائين اڊيالا جيل کان ٻاهر نه وينداسين.