شهبازحڪومت ڊليوري ۾ ناڪام،”خاص الخاص“ کي خدشا

اسلام آباد(انصار عباسي)شهبازشريف جي حڪومت رهندي يا نه؟ حڪومت مان جيڪا اميد هئي ڇا اها پوري ٿي؟ شهبازحڪومت  جو هني مون پيريڊ گذري چڪو،وزيراعظم جي محنت ۽ مهارت باوجود عوامي فلاح ۽ معاشي بهتري جي حق ۾ نتيجا نه پيا نڪرن، اعتراض اهو پيو ڪيو وڃي ته چار يا پنج ڪلاڪن جي ڊگهي ۽ بورنگ ميٽنگ کانپوءِ ڪو فيصلو نٿو ڪيو وڃي، فيصلا بار بار ملتوي ڪيا وڃن ٿا، خاص الخاص اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته وزيراعظم وٽ اختيار ۽ موقعن جي کوٽ آهي،هو اهو به نٿو مڃي ته طاقتور ڌرين جي مداخلت ايتري قدر وڌي چڪي آهي ته فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، هو اهو سمجهي ٿو ته وزيراعظم ڪرڻ چاهي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، خاص الخاص سمجهي ٿو ته طاقتور  قوت جيتري قدر حمايت ن ليگي حڪومت کي ڏئي رهي آهي حڪومت جواب ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ايتري قدر عوامي ۽ سياسي حمايت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ ڪامياب نه پئي ٿي سگهي، خاص الخاص جو اعتراض آهي ته هڪ ٻئي پٺيان اجلاسن ۽ ڏينهن رات جي ڪوششن باوجود ڊليوري ٿيندي نظر نه پئي اچي، ليگي حۡومت جو ڪو به سياسي بيانيو ناهي، سياسي بيانيو هجي ها ته اپوزيشن جو ڪجهه ٽوڙ ممڪن هو، خاص الخاص جو مڃڻ آهي ته ن ليگ ۾ فيصلائتي حيثيت نوازشريف کي ئي حاصل آهي، فيصلن ۾ دير ٿي رهي آهي، ان ڪري کچڙي پچي ريه آهي، معاملا نه سڌريا ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڇوٽيون وڌڻ لڳنديون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.