اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ 16 جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي.
پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7 رپيا 67 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 72 پئسا واڌ جو امڪان آهي.
ايندڙ هفتي کان پيٽرول جي نئين قيمت 273.28 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 281.17 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.
گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 73 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل (ايل ڊي او) جي قيمت ۾ 0.92 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
گاسليٽ جو نئون اگهه 184.25 رپيا ۽ ايل ڊي او جو اگهه 166.65 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ 2024 تي به پيٽروليم شين جي اگهن ۾وڏي واڌ ڪئي هئي.
You might also like