ڪوئيٽا ۾ گم ٿيل ظهير بلوچ سميت ٻين جي آزادي لاءِ وارثن جو ريڊ زون ۾ ڌرڻو، شيلنگ

ڪوئيٽا (م ڊ) گم ٿيل ظهير بلوچ جي آزادي لاءِ ڪوئيٽا سيڪريٽريٽ چوڪ تي وارثن جو ڌرڻو جاري آهي، ٻئي پاسي مظاهرين ڪوئيٽا جي علائقي سونا خان وٽ ڪوئيٽا،  ڪراچي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو آهي. بي واءِ سي جي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ظهير بلوچ جي بازياب سميت گرفتار ڪيل سڀني مظاهرين جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو. بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سميت هزارين ماڻهن جي ريلي ڪوئيٽا جي ريڊ زون ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڌرڻي ۾ گم ٿيل ظهير بلوچ سميت ٻين گم ٿيلن جا وارث ۽ شهري به شريڪ آهن. پوليس وين کي باهه ڏيڻ بابت ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيلن جو چوڻ هو ته پرتشدد واقعا حالتون خراب ڪرڻ جي سازش آهن، مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪري ڌرڻو هنيو آهي، مڇريل ماڻهن سان اسان جو ڪو واسطو ناهي. هاڪي چوڪ تي احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ ظهير بلوچ جي ڀيڻ بي بي فضيلا بلوچ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ ظهير بلوچ بندش پيل بلوچ لبريشن آرمي جي ڪيمپن ۾ هجي ها ته مان، منهنجي ڪٽنب وارا ۽ ٻيا ماڻهو ايڏي وڏي انگ ۾ هتي گرمي ۾ احتجاج نه ڪن ها، اسان به ٻين ماڻهن جيان پنهنجي گهرن ۾ ويٺل هجون ها. هن چيو ته اسان ڌرڻي تي مجبور آهيون ڇو ته اسان جي ڀاءُ کي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريلي تي لٺ بازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي جنهن ۾  عورتن سميت ڪيترائي زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.