لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار يومِ آزادي جي موقعي تي صوبي ۾ مفت سولر پئنلز ورهائڻ جو اعلان ڪري ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي وزيرعليٰ مريم نواز جي اعلان موجب، ٻه سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدار 14 آگسٽ کان مفت سولر پئنلز حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته ٻه کان وڌيڪ ۽ پنج سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي سولر پئنلز رڳو ڏهه سيڪڙو معاوضو جي ادائيگي تي ملندا، جنهن جي نوي سڪيڙو رقم پنجاب حڪومت ادا ڪندي.
سولر پئنلز جي فراهمي بئنڪن ذريعي ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت سولر پئنلز جي فراهمي اسڪيم جا تمام معاملا طئي ڪري ورتا آهن.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته سولر پئنلز جي فراهمي سان عوام جي بجلي بلن ۾ چاليهه سيڪڙو لاٿ ٿيندي. عوام کي رليف ڏيڻ ئي منهنجو مشن آهي، مشڪل حالتون آهن پر اسان عوام سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين.
You might also like