ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپنگ جي اجازت ڏيڻ واري قدم خلاف معاملي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، درخواست 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ ڪابينا سيڪريٽري، گهرو وزارت، قانون واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالوجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن، سڌ سماءُ واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيوته فون ٽيپنگ جي اجازت ڏيڻ عيرقانوني ۽ غير آئيني قدم آهي، فون ٽيپنگ نجي زندگي ۾ مداخلت جي برابر آهي، هي رائيٽ آف پرائيويسي سان گڏوگڏ انٽرنيشنل ٽريٽي جي به ڀڃڪڙي آهي.
درخواستگذار چيو ته برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فون ٽيپ ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عدالت ۽ حڪومت کان اجازت وٺڻ ضروري آهي، حڪومت کي ڄاڻايل فصصلي تي نظرثاني جو حڪم ڏنو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
You might also like