ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون گُهلڻ ۽ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ آسمان جزوي جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شهر ۾ تيز هوائون گهُلڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اڄ شام يا رات جي وقت ۾ بوندا باندي يا هلڪي برسات جي اميد آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ٽيهه ڏهائي پنج ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم جو تناسب 69 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 27 کان 32 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن.
Rain Karachi Heat