بحريا ٽائون راولپنڊيءَ تي ڇاپو:عمران خان خلاف اهم ثبوت هٿ

اسلام آباد(انصار عباسي) بحريا ٽائون راولپنڊيءَ تي ڪجهه هفتا اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ جيڪي ڪاغذات ۽ فائل هٿ آيا هيا انهن ۾ ڪيترائي اهم فائل ۽ ڊاڪومينٽ شامل آهن جن جو تعلق تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان خلاف هلندڙ ڪيسن سان آهي، انهن مان هڪ اهم القادر ٽرسٽ ڪيس آهي جنهن جي کاتي ۾ 190 ملين پائونڊ ڄاڻيا ويا هيا، جن کي برطانيه حڪومت ڪرپشن جا پئسا ڄاڻائي پاڪستان جي حق ۾ سرينڊر ڪري ڇڏيا هيا، ان وقت پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هُئي ۽ ان جو سربراهه عمران خان هيو، جنهن اها سموري رقم پاڪستان جي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بجاٰءِ سپريم ڪورٽ جي ان اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي جنهن جو تعلق بحريه ٽائون سان هو، بعد ۾ اها رقم بحريه ٽائون ڪراچيءَ تي ڪراچيءَ جي زمينن جي قبضي جي مد ۾ جيڪو ڏنڊ پيو هو ان جي مد ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. اهڙي سموري عمل کي قانوني بنائڻ لاءِ عمران خان جي حڪومت ۾ ڪابينه کان ڌوکي سان اهڙي عمل جي منظُوري ورتي وئي. منظُوريءَ بعد جڏهن معاملو کليو ته تحريڪ انصاف جي ڪافي ميمبرن انهيءَ ڳالهه جو اظهار پڻ ڪيو هو ته اسان کي ان معاملي جي ڪابه ڄاڻ نه هُئي اسان کي رڳو هڪ لفافو ڏيکاري چيو ويو ته ان جي منظوري ڏيڻي آهي. القادر ٽرسٽ جي حوالي سان هلندڙ ڪيس ڪافي پختو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ تقريبا 36- شهادتون ريڪارڊ ٿي چڪيون آهن، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض هڪ ملزم ڄاڻيال آهي جڏهن ته ان سان گڏ عمران خان پڻ ملزم طور ڄاڻايل آهن. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ هن وقت تائين جيڪي شاهديون مليون آهن اهي ملزمن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 12 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

bahriatown PTI ImranKhan MalikRiaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.