ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين جي تجويز ڪيل الاٽمينٽ واري معاملي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايڇ اي ۽ روينيو عملدارن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست گذار جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪئي، هاڪس بي جي زمين مفت الاٽ ڪرڻ بدران عوام کي سستي اگهه تي الاٽ ڪئي وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ دعوي ڪرڻ جا ڪهڙا حق آهن؟ وڪيل ٻڌايو ته اسان علائقي جا رهواسي آهيون، اسان کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، الاٽمينٽ جي صورت ۾ اسان جون زمينون کسيون وينديون. عدالت چيو ته توهان وٽ ڪي ملڪيت جا دستاويز آهن ته منسلڪ ڪيو. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت درخواست ٻڌڻي لائق هجڻ بابت دليل پڻ طلب ڪري ورتا.