لکنئو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ آسماني وڄ ڪِرڻ سبب 38 ڄڻا حياتون وڃائي ويٺا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اترپرديش جي مختلف علائقن ۾ آسماني وڄ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا جنهن ۾ 38 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، رياست جي گهڻي قدر علائقن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي.