شاهين آفريدي پريڪٽس دوران محمد يوسف سان اٽڪي پيو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بالر شاهين آفريدي تي ڪوچز سان مبينا طور خراب رويي جي الزام بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي حوالي سان گذريل ڏينهن خبرون سامهون آيون ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي سندس ڪوچز سان خراب رويي جون شڪايتون مليون آهن.
ان معاملي جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ بابت پتو پيو آهي ته شاهين آفريدي جا بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف سان ڏند چڪ ٿيا جيڪي شدت اختيار ڪري ويا هئا ۽ اِهو واقعو عالمي ڪپ کان اڳ انگلينڊ جي دوري دوران پيش آيو.
ذريعن موجب، هيڊنگلي ۾ نيٽ پريڪٽس دوران بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف، فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي بو بالز جي نشاندهي ڪري رهيو هو، بار بار نشاندهي تي شاهين آفريدي تپي باهه ٿي ويو ۽ ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.
شاهين طرفان معافي گهرڻ کانپوءِ مئنيجمينٽ سندس خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان پاسو ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مئنيجمينٽ جي نظر ۾ اِهو واقعو ” هيٽ آف دي موومينٽ “ هو جنهن غير معمولي سمجهڻ جو جواز نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.