اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اعليٰ وفاقي سرڪاري آفيسرن جي بورڊ ميٽنگ ۾ شرڪت جو معاوضو گهٽائي ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزارت حڪومتي ڪمپنين جي بورڊ ميٽنگ ۾ شرڪت جي معاوضي جي حوالي سان نئين پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت اعليٰ وفاقي سرڪاري آفيسر حڪومت ڪمپنين جي بورڊ ميٽنگ ۾ شرڪت جو معاوضو گهٽايو ويو آهي.
ناڻي واري وزير طرفان جاري ڪيل سرڪلر موجب، ڪمپنين يا ادارن جي بورڊ ميمبرن کي رڳو ڏهه لک رُپيا معاوضو ملندو، ساليانو ڏهه لک رپين کان وڌيڪ معاوضو قومي خزاني ۾ واپس جمع ڪرائڻو پوندو.
سرڪلر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اضافي معاوضو قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي لاڳاپيل وزارت کي رسيد به ڏيڻي پوندي.
You might also like