ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جي امير ترين شخصيت مڪيش امباڻي جي پٽ جي شاديءَ جي تقريبن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪروڙين رُپيا خرچ ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اننت امباڻي جي شادي هلندڙ ميهني 12 جولاءِ ( سڀاڻي ) ٿيندي پر ان کان اڳ امباڻي خاندان طرفان ڀارت ۽ اٽليءَ مختلف شاديءَ جون تقريبون ٿيون.
تازو ئي اننت امباڻي جي شادي ڪارڊ جي قيمت سامهون آئي آهي جنهن جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اننت امباڻي جي شادي جي ڪارڊ جي قيمت وڏي پٽ آڪاش امباڻي جي ڪارڊ کان 366 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، شادي جي هڪ دعوت نامي جي قيمت ڇهه لک کان ست لک ڀارتي رپيا آهي جڏهن ته دعوت نامي سان گڏ مهمانن کي ڏهه کان ٻارنهن هزار جي هڪ چادر ۽ سون سميت ٻيا املهه تحفا پڻ ڏنا ويا آهن.
رپورٽس موجب، مڪيش امباڻي جي وڏي پٽ آڪاش امباڻي جي شادي جي ڪارڊ جي قيمت ڏيڍ لک رپيا هئي جڏهن ته نياڻي ايشا امباڻي جي ڪارڊ جي قيمت ٽي لک ڀارتي رپيا هئي.
You might also like