جيڪولين جي محبت ۾ گرفتار همراهه جو اداڪار جي مداحن کي سئو آءِ فون 15 پرو ڏيڻ جو اعلان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ممبئي ٻه سئو ڪروڙ جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪيش چندر شيکر بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جي سالگرهه تي سندس سئو مداحن کي آءِ فون 15 پرو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جيڪولين ايندڙ مهيني 11 آگسٽ تي پنهنجي سالگرهه ملهائيندي ان دوران سڪيش چندر شيکر جو جيل مان ادڪارا کي لکيل خط سامهون آهي.
خط ۾ سڪيش اداڪارا سان هڪ ڀيرو وري محبت جو اعتراف ڪندي جيڪولين جي گيت يَمي يَمي کي سپورٽ ڪندڙ سندس سئو مداحن کي آءِ فون 15 پرو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سڪيش خط ۾ لکيو آهي ته مان اوهان جي سالگرهه جو انتظار نه ٿو ڪري سگهان، جيتوڻيڪ اِهو مون لاءِ سال جو پسنديدا ڏينهن آهي.
سڪيش خط ۾ چيو ته مان انهن سمورن بي بنياد الزامن مان آجي ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان، مون اوهان کي مايوس ڪيو جنهن جو افسوس آهي پر مان ان جو ازالو ڪندس.
ياد رهي ته جيڪولين فرنينڊس سڪيش چندر شيکر جا پيغام روڪڻ لاءِ درخاوست داخل ڪئي هئي، پر ان باوجود پيغامن ۽ خطن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.