نارٿ هيمپٽن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا آخري ميچ ۾ ڀارت چيمپيئنز کي 54 رنسن تان هارائي ڇڏيو، شڪست باوجود ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪوالفيفاءِ ڪري ورتو آهي.
ڀارت ٽورنامينٽ ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن بعد ان جو سيمي فائنل ۾ آسٽريليا سان مقابلو ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف سيمي فائنل کيڏندو.
WCL IndvsSA Semifinal