لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس عاليا نيلم عهدي جو قسم کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس عاليا نيلم چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي.
تقريب ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، جسٽس عاليا نيلم کي چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ جي عهدي جو قسم کڻايو.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، آءِ جي پنجاب، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب بعد چيف جسٽس عاليا نيلم سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملاقات ڪئي، جنهن دوران مريم نواز، عهدو سنڀالڻ تي عاليا نيلم کي مبارڪ ڏني.
صدر آصف علي زرداري طرفان منظوري ڏيڻ بعد قانون واري وزارت، جسٽس عاليا نيلم جي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

JusticeAaliaNeelum  oath 1stfemale CJ LahoreHighCourt
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.