راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻي پور لڳ درگاھه مانڌم جهانيان جي بزرگ شخصيت مخدوم ثمر علي شاھه جھانيان ڪجھه عرصو عليل رھڻ بعد 79 ورهين جي ڄمار ۾ اڄ گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مخدوم ثمر علي شاھه جهانيان کي بيماريءَ سبب گمس اسپتال داخل ڪرايو ويو هو، جتي هُن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
ثمر علي شاهه جي جنازي نماز سڀاڻي صبح 8 وڳي ڳوٺ درگاهه مانڌم ۾ ادا ڪئي ويندي.
هوڏانهن ثمر علي شاهه جي لاڏاڻي جي خبر پوڻ تي سندس مريد ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ سندس اباڻي رھائش گاھ مانڌم پھچڻ شروع ٿي ويا.
You might also like