اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيسن ۽ رهائشي علائقن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جو استعمال سائبر سڪييورٽي لاءِ رسڪ قرار ڏنو ويو آهي.
سي سي ٽي وي ڪئميرائون سائبر سيڪيورٽي لاءِ رسڪ قرار ڏنيون ويون، سي سي ٽي وي ڪئميرائن کي سائبر حملن کان محفوظ رکڻ لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.
سائبر حملن کان بچاءَ جي حوالي سان وفاقي حڪومت گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سي سي ٽي وي ڪئيمرائن سان انٽرنيٽ ذريعي ڪٿان کان به مانيٽرنگ ڪري سگهجي ٿي.
ايڊوائزري ۾ ڪئميرا کي ريموٽ ايڪسيس نه ڏيڻ ۽ ڪئميرائن تائين پهچ کي ڪجهه ماڻهن تائين ئي محدود رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
islamabad pmln pakistan