اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني سفارتخاني محرم ۽ صفر دوران ايندڙ پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستاني شهرين لاءِ محرم الحرام ۽ صفر دوران ايراني ويزا پاليسي سامهون اچي وئي.
ايراني سفارتخاني طرفان چيو ويو آهي ته پهرين محرم کان 15 صفر تائين سمورا پاڪستاني زائرين، جن وٽ عراقي ويزا آهي، ڊبل انٽري ويزا لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.
سفارتخاني چيو ته عراقي حڪومت جي خاص اربعين ويزا تي سمورن زائرين کي ڊبل انٽري ويزا مفت جاري ڪيا ويندا، پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا معمول جي طريقي ڪار موجب جاري ڪئي ويندي.
ترجمان چيو ته پاڪستاني زائرين جيڪي زميني سفر جو ارادو رکن ٿا، کين ايران ۽ عراق ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي بس ٽرانسپورٽ جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
pakitsan muharramulharam najaf