اوپن اي آءِ هيڪ ٿي وئي؟

سان فرانسڪو(ويب ڊيسڪ) هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هيڪرز جي هڪ گروپ چيٽ جي بي ٽي جي باني ڪمپني اوپن اي آءِ سسٽم ذريعي پهچ حاصل ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب سائبر حملن بعد هيڪرز سسٽم جي اندروني چيٽ کي پڙهي سگهندا هئا ۽ امڪاني طور تي هنن مصنوعي ذهانت جي پروڊڪٽ جي ڊيزائن بابت معلومات به چوري ڪئي آهي.
چيو پيو وڃي ته ڪمپني طرفان انهي بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آگاهي ناهي ڏني وئي، نيويارڪ ٽائمز ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ هيڪرز اوپن اي آءِ جي ملازمن وچ ۾ ٽيڪنالاجي بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه مان معلومات حاصل ڪري سگهندا.
پر هيڪرز اڃا تائين انهي سسٽم تائين پهچ حاصل ناهن ڪري سگهيا، جتي اوپن اي آءِ جي پراڊڪٽ ٺاهي ۽ رکي ويندي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوپن اي آءِ ايگزيڪيٽوز پنهنجي عملي ۽ ڪمپني جي بورڊ کي ان جي ڀڃڪڙي بابت گذريل سال اپريل ۾ ٻڌايو هو، پر ان جا تفصيل عوام کي نه ٻڌايا ويا هئا ڇو ته انهي مامري ۾ ڪنهن گراهڪ يا پارٽنر جي معلومات چوري نه ٿي هئي.
OpenAI ChatGPT ElonMusk

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.