ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران سال 25-2024ع لاءِ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب اڱاري ڏينهن سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي نون عهديدارن کان سندن عهدي جو حلف کڻايو، مئي 2024ع ۾ اسٽوڊنٽس سوسائٽيز جي ٿيل چونڊن ۾ اٽڪل ٻه هزار رجسٽرڊ شاگردن پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري اسٽوڊنٽس ڪائونسل جا نوان عهديدار چونڊيا هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته هيءَ يونيورسٽي ملڪ جي انهن چند تعليمي ادارن مان هڪ آهي، جتي شاگرد جمهوري طريقي سان پنهنجا عهديدار چونڊين ٿا ته جيئن جمهوري ڪلچر تحت هو پنهنجي ساٿي شاگردن جي مفادن وٽان ڪم ڪري انهن کي مستقبل لاءِ ليڊرشپ جي ڪردار ۾ تيار ڪري سگهن.
هن چيو ته يونيورسٽي جون 8 شاگرد سوسائٽيز نه رڳو پنهنجون تخليقي ۽ شاگردن تي ڌيان ڏيڻ واريون سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪنديون آهن پر يونيورسٽي پاران منعقد ٿيندڙ ميگا ايونٽس دوران انتظاميه ۽ فيڪلٽي جي مدد پڻ ڪنديون آهن.
ڊاڪٽر مجيب صحرائي اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي نون عهديدارن کي صلاح ڏني ته هو پاڻ کي محدود نه رکن پر سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ملڪ جي ٻين صوبن جي تعليمي ادارن ۾ وڃن، جتي اتان جي شاگردن، اسپيشل پرسنس سان ملن، انهن جي ڪم کي ڏسن ۽ انهن سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل رابطا پيدا ڪن.
هن اعلان ڪيو ته قومي ۽ بين الاقوامي ليڊرشپ پروگرام پڻ هن سال کان شروع ڪيو ويندو ته جيئن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن جا دورا ڪرائي شاگردن کي آگاهي ڏني وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like