ويرات ڪوهلي جي مداحن لاءِ بُري خبر

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ملڪيت ون 8 ڪميون پب هوٽل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بئنگلورو ۾ پوليس چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ تي واقع ويرات ڪوهلي ون 8 ڪميون پب هوٽل خلاف مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، هوٽل بند ڪرڻ لاءِ مقرر وقت رات هڪ وڳي جو آهي پر ون ايٽ ڪميون پب ڏيڍ وڳي تائين کليل هوندو آهي جڏهن ته هوٽل انتظاميا خلاف رات دير تائين تيز آواز ۾ موسيقي هلائڻ جون شڪايتون پڻ مليون آهن.
ڀارتي پوليس موجب، ون 8 ڪميون ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هوٽل ۾ شامل آهي، پوليس هوٽل خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
رپورٽس موجب، ويرات ڪوهلي جي ون 8 ڪميون هوٽل جي بئنگلورو ۾ گذريل سال ڊسمبر ۾ افتتاح ڪيو ويو، بئنگلورو کانسواءِ ان هوٽل جي برانچز دهلي، ممبئي، پوني ۽ ڪولڪتا جهڙن وڏن شهرن ۾ به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.