آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وڏن زميندارن تي به ٽئڪس لڳندو: صدر

لاهور(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
لاهور ۾ پروفيسر مير ميموريل سيمينار سان ڳالهائيندي آصف علي زرداريءَ چيو ته پروفيسر وارث مير کان شهيد بينظير ڀٽو صلاح مشورا ڪندي هئي.
هن جو چوڻ هو ته ميڊيا تي جيتري مون مٿان تنقيد ٿي آهي شايد ڪنهن تي به نه ٿي هجي، مان ٽي وي ناهيان ڏسندو، گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهندو آهيان.
صدر چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي، هر ڳالهه دنيا جي سامهون رکي ويندي آهي، پر سوشل ميڊيا ۾ به گروپنگ نظر ايندي آهي، ڪجهه دوستن کي سمجهه ناهي ايندي اهي انڪم ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، ملڪ ٺاهڻ لاءِ ماليات ۽ شين جي به اهميت هوندي آهي.
آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايگرو فارم ۽ ايگرو انڊسٽري مستقبل آهي، وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻو پوندو اهو آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي.

pakistan president asifalizardari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.