برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ ليجنڊز ٽورنامينٽ جي پهرئين ايڊيشن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
قومي ٽيم اڄ ايجبسٽن ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندي، گرين شرٽس چارئي ميچون کٽي ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست آهي.
آسٽريليا چئن ميچن مان ٽي کٽي ٻئي نمبر جڏهن ته ڀارت جي چئن ميچن مان ٻن ۾ فتح بعد ٽين پوزيشن آهي.
ان کانسواءِ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.
You might also like