ڪراچي ( رپورٽر ) دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي ۾ مقرر ڊي ايس پي علي رضا کي قتل ڪرڻ جي ذميواري الفجر نالي تنظيم قبول ڪري ورتي آهي. الفجر نالي دهشتگرد تنظيم نامعلوم هنڌ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڊي ايس پي علي رضا جي قتل جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. هن تنظيم ان کان اڳ سهراب ڳوٺ ۾ پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي ذميواري به قبول ڪئي هئي.
-
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي پهرين برسات پئي، ناظم آباد، گلشن معمار، تيسر ٽائون ۽ گلشن اقبال ۾ مينهن وسيو. برسات تي شهرين خوشي جو اظهار ڪيو. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ گجگوڙ سان مينهن وسندو.
-
ممبئي ۾ تيز برسات، زندگي جو مفلوج، روڊ رستا پاڻي هيٺ
ممبئي (م ڊ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ 6 ڪلاڪن دوران 300 ملي ميٽر برسات زندگي جو نظام ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. روڊ تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويا ۽ گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون. ريلوي ٽريڪ تي پاڻي سبب ڪجهه ٽرينون ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته 30 پروازون منسوخ ڪيون ويون ۽ 250 کان وڌيڪ دير جو شڪار، اسڪول ۽ ڪاليج وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري بند ڪيا ويا.