بن قاسم مان نوجوان عورت جو گهران ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ملير (ڊ ر)بن قاسم ٿاڻي جي حد داتا نگر ويجهو ٿانهر ڳوٺ جي گهر مان 23 ورهين جي نعيمان زال سائينداد جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو، اطلاع تي بن قاسم پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌان شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي دين محمد سولنگي کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو، مقتولا عورت جي وارثن پوليس آڏو بيان ڏنو آهي ته مقتولا جي قتل ۾ ملوث خير محمد گوپانگ، اربيلو گوپانگ جا نالا شڪ جي بنياد تي اسان ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا آهن، گرفتار دين محمد سولنگي تي پڻ اسان کي شڪ آهي ته اهو به قتل ۾ ملوث آهي، مقتولا عورت جي مڙس سائينداد جو چوڻ آهي ته آئون هڪ مزدور آهيان ۽ ڪمپني ۾ ڊيوٽي لاءِ ويل هئس گهرواري نعيمان گهر ۾ اڪيلي هئي، اطلاع ملندي ئي گهر پهتس ته گهرواري جو ڳلو ڪپيل لاش پيل هو، اسان ڪنهن سان ڪا به ذاتي دشمني نه آهي منهنجي گهر واري جو ناحق خون ٿيو آهي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا نعيمان زال سائينداد کي هڪ ٽن سالن جي پٽ جي اولاد آهي ۽ هو گذريل پنجن سالن کان ٿانهر ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهن، واقعي ۾ ملوث هڪ ڄڻي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.