ڀٽو کي سزا نه ملي ها ته جنرل ضياءَ خلاف غداري ڪيس هلي ها: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ بيگناهه کي شفاف ٽرائل کانسواءِ ڦاهي ڏني وئي. ۽ اهو ته ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري فيصلي جو سڌو سنئون فائدو جنرل ضياءُ الحق کي ٿيو.  جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي آزاد ڪيو وڃي ها ته هو ضياءُ الحق تي سنگين غداري  جو ڪيس هلائي ها. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ 48 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو لکيو آهي، جنهن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ اضافي نوٽس به ڏيندا. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڪيس هليو ته عدالتن کي آئيني حيثيت نه هئي، ملڪ ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو هئي ۽ ان جون عدالتون مارشل لا جا قيدي هيون. عدالت جو چوڻ آهي ته ڊڪٽيٽر سان وفاداري جو قسم کڻندڙ جج جون عدالتون عوام جون عدالتون نه رهنديون آهن. فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي ڀٽو ڪيس جي فائل ملڻ کان اڳ ئي جاچ شروع ڪئي هئي. عدالت چيو ته جيڪڏهن پوليس جاچ مڪمل ڪري ڇڏي ته ايف آءِ اي کي فائل ٻيهر کولڻ جو اختيار ناهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀٽو ڪيس جي ٻيهر جاچ جو ڪو به عدالتي حڪم نه هو ۽ هاءِ ڪورٽ پاڻ ئي قانون جي ڪيترن ئي شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته هنن ذوالفقار علي ڀٽو جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن جو تحفظ سندن ذميواري هئي. تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڪو به سڌو سنئون ثبوت ناهي. ڪيس ۾ موت جي سزا لاءِ ڪافي ثبوت نه هئا. عدالت وڌيڪ چيو ته ذوالفقار ڀٽو خلاف قلم 302 لاڳو ڪرڻ جو ڪو به سڌو سنئون ثبوت ناهي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قتل جو الزام ايف ايس ايف تي لڳايو ويو ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيل گولي ايف ايس ايف جي هٿيارن سان مليل نه هئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان نه اپيل ٻڌي رهيا آهيون ۽ نه وري نظرثاني. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آئين يا قانون اهڙو مڪينزم نٿو ڏئي جنهن ذريعي سزا کي رد ڪري سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي نظرثاني کانپوءِ ڀٽو جي سزا جو فيصلو حتمي ٿي ويو آهي، صدارتي ريفرنس ۾ حتمي فيصلي کي رد نٿو ڪري سگهجي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس ذوالفقار علي ڀٽي کي نوٽيس کانسواءِ منتقل ڪيو ويو. عدالت چيو ته پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ قتل جو سڌو سنئون ٽرائل ٿيو، ان کان اڳ يا پوءِ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي. عدالت جو چوڻ آهي ته سڄي ايشيا ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جتي هاءِ ڪورٽ ۾ سڌي ريت قتل جو ٽرائل ٿيو هجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي هاءِ ڪورٽ ۾ سڌي سنئين ٽرائل ڪري اپيل جي حق کان محروم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.