پريا ڪماري بابت جلد سٺي خبر ايندي: ضياءَ النجار

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته پريا ڪماري جي باري ۾ جلد سٺي خبر سامهون ايندي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جي وارثن کي 50 ايڪڙ زمين ڏيڻ سميت مختلف تجويزون غور هيٺ آهن، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، اميدو ڀيو گينگ جا تقريبن سمورا ڌاڙيل مارجي ويا آهن، ڌاڙيلن سان ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڊي ايس پي علي رضا جي شهادت فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ به ٿي سگهي ٿي، محرم ۾ امن امان جو مسئلو ٿيندو آهي، اميد آهي ته محرم دوران امن امان برقرار رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.