وڏي وزير پاران پوليو جا 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڪاوڙ، صحت کاتي کي هدايتون

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جا ٻه ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان مرض جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪن. وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس دوران ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين مختلف عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي پوليو جي ٻن ڪيسن بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪي مئي ۽ جون 2024 ۾ سامهون آيا هئا. پهريون ڪيس شڪارپور جي لکي علائقي ۾ جتوئي قبيلي سان تعلق رکندڙ 30 مهينن جي غذائي کوٽ جو شڪار ڇوڪرو آهي جنهن کي 11 مئي 2024 تي پوليو جو ٽيسٽ پازيٽو آيو هو. ٻيو ڪيس ڪراچي جي يو سي ڪيماڙي 3 ۾ ملڪاڻي قبيلي سان تعلق رکندڙ ٽن سالن جي نينگري جو آهي جنهن ۾ 3 جون 2024 تي پوليو جي سڃاڻپ ٿي هئي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل وڏي وزير کي ٻڌايو ته متاثرن کي دوائون ڏنيون ويون، مقامي متاثرن ۽ ڊاڪٽرن جا مثبت پيغام سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا ويا ۽ متاثر علائقن ۾ آگاهي مهم هلائي وئي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي ۾ پوليو وائرس جي پکڙجڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي معيار جي حفاظتي مهم کي گهٽ ۾ گهٽ غلطين سان جاري رکيو وڃي. وڏي وزير گهٽ رپورٽ ٿيل ٻارن ۽ ٻين خطرن جا عنصر خاص طور تي مهاجرن جي آبادي جي تشخيص تي پڻ ور ڏنو.  وڏي وزير صحت کاتي کي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.