خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو ۾ جوابدارن معمولي ڳالھ تان 7 ٻارن جي ماءُ فاطمه زال منور مڱڻيجو کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مارجي ويل عورت جو لاش پهريان پيرجوڳوٺ بعد ۾ خيرپور منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سول اسپتال خيرپور ۾ 8ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته سخت گرميءَ سبب لاش جي حالت خراب ٿي وئي ھنن چيو ته مقتولا عورت کي ڳوٺ کان هڪ ڪلاڪ ڊاٽسن تي کڻي پيرجوڳوٺ اسپتال کڻي ويا سين جتي ليڊي ڊاڪٽر پاران پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ جو جواب ملڻ تي وري 30ڪلوميٽر پنڌ ڪري لاش کي سول اسپتال خيرپور کڻي آياسين جتي به ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي پوسٽ مارٽم نه ٿو ڪيو وڃي هنن چيو ته 10ڪلاڪن کان وٺي عورت جو لاش رلائيندا رهون ٿا، پيرجوڳوٺ توڙي خيرپور جي ڊاڪٽرن کي رحم نه ٿو اچي.