اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ 8 اليڪشن ٽربيونلز جي قيام واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي آفيس ٻئي آئيني ادارا آهن، ٻئي آئيني ادارا احترام جا حقدار آهن. جيڪڏهن ٻئي آئيني ادارا آمهون سامهون مشاورت ڪن ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو جڏهن ته اٽارني جنرل به اتفاق ڪيو ته بامقصد مشاورت ٿيڻ گهرجي. حڪم نامي ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته 2 جولاءِ تي ٿيندڙ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي متفقه طور تي نامزد ڪيو ويو آهي، عدالت ڪيس جي ميرٽ تي وڃڻ کانسواءِ ڪيس کي التوا ۾ رکي رهي آهي. مناسب آهي ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ بامقصد مشاورت ٿئي. عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 26 اپريل جو خط، نوٽيفڪيشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو 29 مئي جو فيصلو ۽ 12 جون جو نوٽيفڪيشن ايندڙ تاريخ تائين معطل ڪيو وڃي. ان ڪري چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حلف برداري کانپوءِ جلد کان جلد بامقصد مشاورت ڪئي وڃي ۽ بامقصد مشاورت کانپوءِ ڪيس کي فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.