اسلام آباد(سيد عمران شفقت) شهيد نذير عباسي جو قاتل ريٽائرڊ ڪرنل امتياز بلا پنهنجي زندگيءَ ۾ئي بدترين ذلت کي منهن ڏيڻ لڳو، جنرل ضيا جي دور ۾ پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ظلم جون سڀ حدون پار ڪندڙ ريٽائرڊ ڪرنل امتياز بلا کي سندس ئي پُٽ گهر مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي سندس خلاف قانوني ڪارروائيءَ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي گهرائي ورتو، اميتاز بلا 1983ع ۾ جنرل ضيا جي آمريت خلاف سنڌ ۾ هلندڙ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سون جي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي حراست ۾ وٺي قتل ڪري ڇڏيو هو. هُن شهيد نذير عباسيءَ کي پڻ حراست ۾وٺي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ رڳو ايترو چئي بدترين نموني تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو ته”نذير عباسي ڪميونسٽ آهي“. جنرل ضيا جي آمريت کي ايم آر ڊي جي تحريڪ ذريعي سڄي پاڪستان ۾ للڪاريو ويو پر ايم آر ڊي جي تحريڪ سموري پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ انتهائي منظم ۽ پرجوش نموني هلي، جڏهن ته ان تحريڪ کي چٿڻ لاءِ برگيڊيئر ريٽائرڊ امتياز بلا کي ذميواريون مليل هيو ۽ هو ان وقت سنڌ ۾ سيڪٽر انچارج جي عهدي تي مقرر هيو، هُن نذير عباسي سميت ٻين سوين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرايو ۽ مٿن اذيت گهرن ۾ بدترين تشدد ڪرائي قتل ڪرائي ڇڏيو جو بعد ۾ انهن جا لاش به وارثن کي ملي نه سگهيا، سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ جنرل ضيا جي خلاف ايتري قدر ته شديد هُئي جو ان کي چٿڻ لاءِ پاڪستان ايئر فورس سنڌ جي ڪيترن کي ڳوٺاڻن علائقن تي بمباري ڪئي ۽ ڪيترن کي ڳوٺن ۾ گڏيل طور تي سياسي ڪارڪنن جو قتل عام پڻ ڪيو، اهڙين سمورين ڪاررواين جو منتظم ان وقت سنڌ ۾ سيڪٽر ڪمانڊر طور تي مقرر رهندڙ ۽ جنرل ضيا جي سڄو هٿ سمجهيو ويندي ريٽائرڊ ڪرنل اميتاز بلا ئي هو، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ذلت جي انجام کي پهتو آهي، ۽ نذير عباسي اڄ به زنده، جاويد ۽ سرخرو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو