سکر(رپورٽر) روهڙي ۾ اوور بلنگ هڪ شخص جي موت جو سبب بڻجي ويو، واڌو بل ڏسي پورهيت صدمي ۾ فوت ٿي ويو، روهڙي جي پاڙي گجواڻي جو رهواسي پورهيت عبدالفتاح قريشي کي سيپڪو طرفان 30 هزار کان وڌيڪجو بل موڪليو ويو شھري بل ڏسڻ بعدکيس دل جو دورو پئجي ويو طبي امداد لاءِ سول اسپتال آندو جتان کيس اين آءِ سي وي ڊي کڻائي ويا پر بجلي جي بل جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جي وارثن احتجاج ڪندي سندس پٽ زيب علي قريشي جو چوڻ هو ته والد جي موت جو ذميوار سيپڪو وارا آھن.