امڪاني ٻوڏ: وڏي وزير پاران ايمرجنسي پلان ٺاهڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي ۽ رليف کاتي (پي ڊي ايم اي) کي هدايت ڪئي آهي ته هو موسميات کاتيپاران تيز برساتن جي اڳڪٿي جي جواب ۾ دريائي ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري. آئون چاهيان ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستان نيوي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ايجنسين وچ ۾ مناسب ڪوآرڊينيشن هجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ وقت سِر ڪارروائي ڪري سگهجي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سردار شاهه، سعيد غني، محمد بخش خان مهر، ڄام خان شورو، مخدوم محبوب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، ميئر سکر نعمان شيخ، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، چيف ميٽ ڊاڪٽر سرفراز، COMKAR  جي نمائندي ۽ مختلف ڊويزنن جي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو چيو ته لوئر سنڌ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي انتظام جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي گڊو بئراج تي 10 خطرناڪ پوائنٽس، سکر بئراج جي ساڄي ڪناري 22 پوائنٽس، سکر بئراج جي کاٻي پاسي 36 پوائنٽس ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 28 پوائنٽس آهن. جنهن تي وزيراعليٰ حساب ڪيو ته ڪل 104 ڪمزور پوائنٽس آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ آبپاشي واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته درياهه جي بندن تي ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه ۾ تيز وهڪري جا 95 سيڪڙو امڪان آهن. پي ڊي ايم اي اڳ ۾ ئي ضروري تياريون ڪري ورتيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.