ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ هيٽ اسٽروڪ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، هيٽ ويو سبب هيل تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
جاپان جي شهر شيزوڪا ۾ آچر ڏينهن گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 1940 کان هيل تائين شهر ۾ رڪارڊ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد هو.
هوڏانهن آمريڪا ۾ به 55 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
japan heatwave heatstroke