بلاول ڀٽو جون جان شير سميت ٻين رانديگرن سان ملاقاتون

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر هائوس پشاور ۾ مختلف راندين جي اڳوڻن ۽ موجوده رانديگرن سان ملاقات ڪئي.
بلاول ڀٽو سان اڳوڻي ورلڊ اسڪواش چيمپيئن جان شير خان، تائيڪوانڊو گولڊ ميڊلسٽ ميمونا نصير بلوچ ۽ پاڪيزه، والي بال ٽيم جي ڪپتان مراد جهان، رانديگر وليد خان ۽ مصور ملاقات ڪئي.
پ پ چيئرمين گورنر هائوس پشاور ۾ مائو تائي چيمپيئن خان سعيد آفريدي، پاڪستان جي پهرئين عورت اسپرنٽر تميم خان، ورلڊ جوڊو چيمپيئن عزيز الحق ۽ ماونٽينيئر ثمر خان سان پڻ ملاقات ڪئي.
رانديگرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان تائيڪوانڊو ۾ ڊين هڪ تائين پهچي ويو آهيان، توهان ڊين 2 تي آهيو، مون کي توهان کي ڪوچ بڻائڻو پوندو.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون.

BilawalBhuttoZardari KPKVist JanSher

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.