آمريڪا ۾ سخت گرمي، پارو 55 ڊگري تائين پهچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اولهه آمريڪا جي حصن ۾ سخت گرمي آهي ۽ 36 ملين ماڻهو گرمي جي وارننگ جي اثر هيٺ آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايريزونا، واشنگٽن، اوريگون ۾ رڪارڊ گرمي جو امڪان آهي.
ڪيليفورنيا جي شهر ريڊنگ ۾ گرمي پد 48 ۽ ڊيٿ ويلي ۾ 55 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اتر ڪيليفورنيا جي علائقن ۾ پارو معمول کان 20 ڊگري وڌيڪ آهي.
گرم ۽ خشڪ هوا سبب ٻيلن ۾ باهه جو خطرو به وڌي ويو ۽ ڏکڻ ڪيليفوريا ۾ اگهه سبب بانيا باربرا ڪائونٽي جي ڪجهه حصن کي خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻه ڏينهن اڳ لڳندڙ باهه سبب 13 هزار ايڪڙ ايراضي سڙي رک ٿي وئي آهي.

usa heatwave heatstroke

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.