ممبئي ۾ تيز برسات، نظام درهم برهم، تعليمي ادارا بند

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ 6 ڪلاڪن ۾ 300 ملي ميٽر برسات سان نظام درهم برهم ٿي ويو، روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا ۽ گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون.
ريلوي ٽريڪ تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب ڪجهه ٽرينن جي اچ وڃ معطل ڪئي وئي، جڏهن ته 30 اڏامون رد ۽ 250 کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿيون، وڌيڪ برساتن جي خدشي سبب اسڪول ۽ ڪاليج به بند ڪيا ويا آهن.
آچر ۽ سومر جي وچين رات کان شروع ٿيندڙ تيز برساتن جي نتيجي ۾ جتي ڪيترين ئي ملڪيتن کي نقصان پهتو، اتي ئي ٽريفڪ جو نظام به ڊانوانڊول ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.