تاريخ رقم ٿي وئي، ڪوهلي ميدان کان ٻاهر هوندي به رڪارڊ جوڙڻ لڳو

ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي ڪرڪيٽ سان گڏ سوشل ميڊيا تي به حڪمراني جاري آهي ۽ هن ميدان کان ٻاهر به انيڪ رڪارڊ جوڙي ورتا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
17 ورهين کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ بعد ويرات ڪوهلي انسٽاگرام تي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ٽرافي سان گڏ هڪ تصوير پوسٽ ڪئي هئي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ويرات ڪوهلي لکيو هو ته ان کان بهتر ڏينهن جو خواب نٿو ڏسي سگهجي، خدا عظيم آهي ۽ مان شڪر گذاري ۾ سِر جهڪايان هو، اسان نيٺ ڪري ڏيکاريو.
ڪوهلي جي انسٽا پوسٽ هينئر تائين ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ لائيڪس حاصل ڪري رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، جنهن مداحن طرفان پڻ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي پهريون ڀارتي آهي جنهن جي انسٽاگرام پوسٽ کي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ لائيڪس مليا آهن.
ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ لائيڪس حاصل ڪندڙ ڀارتي انسٽاگرام پوسٽ بالي ووڊ اداڪارا ڪيارا آڏواڻي جي هئي جنهن ۾ هن سڌارٿ ملهوترا سان شادي جو اعلان ڪيوهو.
ان کانسواءِ ويرات ڪوهلي انسٽاگرام پوسٽ تي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ لائيڪس حاصل ڪندڙ واحد ايشين ۽ دنيا جو پنجون ايٿيلٽ آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ ڀارتي شخصيت آهي جنهن جي فالوورز جو انگ 270 ملين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.