ڪاپي رائٽس ختم ڪرڻ لاءِ يوٽيوب جو اي آءِ فيچر متعارف

وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم واهپيدارن لاءِ موسيقي تي ڪاپي رائٽس جي مسئلن کان بچڻ جو حل پيش ڪري ڇڏيو.
يوٽيوب طرفان واهپيدارن لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل هڪ ٽول متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو موسيقي تي ڪاپي اسٽرائيڪ کان بچڻ ۾ واهپيدارن جي مدد ڪندو.
آنلائن پليٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي ڪانٽينٽ ڪري ايٽرز پنهنجا وڊيوز اپلوڊ ڪندي انهي ٽول جي مدد سان صرف ڪل ذريعي ڪاپي رائٽس ميوزڪ ڊليٽ ڪري سگهندا.
واهپيدار جيئن ئي وڊيو جي ڪاپي رائٽس سيڪشن ۾ ويندا کين نئون فيچر (Erase Song tool) نظر ايندو، ڄاڻايل فيچر کي استعمال ڪندي جيئن ئي واهپيدار انهي تي ڪلڪ ڪندا اي آءِ ٽول ان وڊيو ۾ موجود ڪاپي رائٽس موسيقي ڊليٽ ڪري ڇڏيندو.
جيڪڏهن واهپيدار غلطي سان پنهنجي وڊيو ۾ ڪنهن ڪاپي رائٽس وارو ميوزڪ شامل ڪيو ته ۽ اهو آپشن ان جي سڃاڻ ڪري وڊيو مان ميوزڪ ڊليٽ ڪري ڇڏيندو.

Youtube Copyrights Videos

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.