ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته لياري ايڪسپريس وي بابت وزيراعظم شهباز شريف کي غلط بريفنگ ڏني وئي.
هڪ بيان ۾ سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته لياري ايڪسپريس وي کي هلڪي ٽريفڪ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
هن چيو ته لياري ايڪسپريس وي هيوي ٽريفڪ سبب خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي غلط بريفنگ ڏني وئي آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هيوي ٽريفڪ کي شهر کان ناردرن بائي پاس منتقل ڪيو وڃي اتي ٽريڪس کي ڊبل ڪيو وڃي يا وڌايو وڃي.
MQMP MustafaKamal PMShehbazSharif