ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چونڊجي وئي.
گهرو کاتي جي ترجمان موجب نئين چونڊيل چيئرپرسن جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي فريال ٽالپر چيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو ڪم نظر رکڻ ۽ گهرو کاتي جي بهتري لاءِ وڌيڪ تجويزونڏيڻ هوندو، اڳوڻي حڪومتي دور ۾ منهنجو ڌيان امن امان جي بهتري ۽ منشيات جي روڪٿام تي هو.
هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته اسان پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ شهر لاءِ سٺو ڪم ڪنداسين.
اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته اميد ڪريان ٿو ته جيڪا به قانون سازي ٿيندي اها کاتي لاءِ بهتر هوندي. هن چيو ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم به فريال ٽالپر کي سپورٽ ڪيو آهي.
faryalTalpur PPP Sindhgovt