ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا، موسم خوشگوار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
سپر هاءِ ڪوي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن۾ برسات ٿي، ان کانسواءِ ملير، ميمڻ ڳوٺ، گلشن حديد ۽ گلشن معمار ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جاري آهي.
سرجاڻي ٽائون جي مختلف علائقن ۾ ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ تيز هوائن گُهلي رهيون آهن.
ٻئي پاسي حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات ٿي.

Rain Karachi Heat

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.