ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم لاءِ 125 ڪروڙ جو انعام، ڪنهن کي ڪيترا پئسا ملندا؟

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم لاءِ ڀارتي بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان اعلانيل انعامي رقم جي ورڇ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه فاتح ٽيم لاءِ 125 ڪروڙ ڀارتي رُپين جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊي موجب، جئه شاهه طرفان اعلانيل انعامي رقم 125 ڪروڙ ڀارتي رُپيا 42 ميمبرن ۾ ورهايا ويندا، ڀارتي اسڪواڊ ۾ 15 رانديگرن، سپورٽ اسٽاف، ريزرو سميت 42 ميمبر شامل هئا.
ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انعامي رقم سمورن ميمبرن ۾ ورهائي ويندي جڏهن ته انعامي رقم ۾ هر ڪنهن کي سندس ڪردار جي حساب سان حصو ڏنو ويندو.
رپورٽ موجب، 15 رڪني اسڪواڊ کي برابري جي بنياد تي پنج، پنج ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ کي به پنج ڪروڙ رُپيا ملندا جڏهن ته سپورٽ اسٽاف جي ميمبرن کي اڍائي، اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.
انعامي رقم ۾ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن کي هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا ملندا، هڪ فزيو ٿراپسٽ، ٽن ٿرو ڊائون اسپيشلسٽ، 3 مساجر ۽ اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ کي 2، 2 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا جڏهن ته چئن ريزرو رانديگرن کي به هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا ملندا.
ان کانسواءِ انعامي رقم جي ورڇ بابت سمورن ڪرڪيٽرز کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

IndianCricketTeam T20Worldcupfinal2024 INDvsSA BCCI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.