” ارشد شريف جو قتل سڃاڻپ ۾ غلطيءَ جو نتيجو نه هو“عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

نيروبي( ويب ڊيسڪ ) ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جو قتل غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس تي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي قتل کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو.
عدالت ارشد شريف جي ڪٽنب کي 2 ڪروڙ 17 لک پاڪستاني رپيا ڏنڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالتي فيصلي موجب، ارشد شريف جو قتل سڃاڻپ ۾ غلطيءَ جو نتيجو نه هو.
ان کانسواءِ عدالت گولي هلائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ۾ جن حڪومتي ادارن جو نالو ورتو ويو اِهي پنهنجي ذميواري کان آجا نٿا ٿي سگهن .
ٻئي پاسي ارشد شريف جي بيواهه ڪينيائي عدالت جي فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ انصاف ملي ويو پر پاڪستان ۾ انصاف ملڻ باقي آهي.
ياد رهي ته 23 آڪٽوبر 2022 تي ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ مگاڊي هاءِ وي تي پوليس ارشد شريف کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو هو.

Kenyancourt  ArshadSharif  Pakistanijournalist

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.