ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ دوري جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياري ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ جي استعمال تي اصرار ڪيوجڏهن ته نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي ( اين ايڇ اي ) اختيارين هيوي ٽريفڪ جي لياري ايڪسپريس وي جي استعمال تي خدشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف لياري ايڪسپريس وي جي صلاحيت جي جاچ لاءِ ٿرڊ پارٽي اسٽڊي جو حڪم ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو ته عام ٽريفڪ لاءِ شيڊيول مقرر ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي قونصليٽ آڏو ڪارگو گودام تي رئيل اسٽيٽ رٿا جي رپورٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پورٽ جو بنيادي ڪم بندرگاهه هلائڻ ۽ ڪارگو معاملا ڏسڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز عملو ڪيترن ئي ڏينهن تائين پورٽ اندر ڪنٽينرز کولي چيڪنگ ڪندو رهندو آهي. جنهن تي پورٽ تان تجارتي مال جي ڪليئرنس ۾ ڪسٽمز طرفان دير تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
PMShehbazSharif CMMuradAliShah KPT