شاهه محمود قريشي اڊيالا جيل کان لاهور منتقل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ کي اڊيالا جيل کان لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.
جيل ذريعن موجب، شاهه محمود قريشي کي سخت سيڪيورٽي ۾صبح سوير اڊيالا جيل کان لاهور منتقل ڪيو ويو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشيءَ کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، سندس خلاف نوَ مئي واقعن جا مختلف ڪيس داخل آهي، پوليس کائنس ڄاڻايل ڪيسن جي سلسلي پاڇاڳاڇا پڻ ڪري چڪي آهي.
بئريسٽر تيمور ملڪ جو چوڻ آهي ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اڄ ڪوٽ لکپت جيل ۾ نوَ مئي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو، شاهه محمود قريشي کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قائم عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

PTI ATC ShahMehmmodQureshi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.