عدالت پرويز الاهي سندس پٽ ۽ نُنهن کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .
عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز الاهي، پٽ راسخ الاهي، ۽ نونهن زارا الاهي جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو.
ياد رهي ته مختلف ڪيسن ۾ نامزد ٿيڻ سبب چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسي ۾ شامل ڪيا ويا هئا.

ChaudhryPervaizElahi LHC PCL
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.